تازه ترين

پي ٽي آءِ هميشه ملڪ کي ڊي ريل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي : شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ هميشه ملڪ کي ڊي ريل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، 24 تاريخ کان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو افسوسناڪ آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، اهم موقعن تي احتجاج جو سڏ ڏيڻ پاڪستان لاءِ هاڃيڪار هو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي احتجاج ۾ خيبرپختونخواهه جي مشينري استعمال ڪئي وئي، رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن کي به شهيد ڪيو ويو ۽ گاڏي کي به باھ ڏني وئي. سينيئر صوبائي وزير چيو ته باني پي ٽي آءِ چيو ته سندس گهرواري غيرسياسي آهي، پر هوءَ ڪنٽينر تي چڙهي وئي ۽ چوندي رهي ته هوءَ عمران خان کي گڏ وٺي ويندي، جڏهن آپريشن ڪيو ويو ته هوءَ ۽ ڪي پي ڪي جو وڏو وزير پهريان فرار ٿي ويا. سندس چوڻ هو ته انقلاب جي نالي تي پاڪستان جي عوام کي گمراهه ڪرڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، عوام کي اکيون کولڻ گهرجن. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن به ملڪ ۾ سيڙپڪاري ٿيندي آهي پي ٽي آءِ پاران ملڪ جون حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31.9 ° C
31.9 °
31.9 °
26 %
3.2kmh
0 %
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون