تازه ترين

پي ٽي آءِ چيئرمين، صدر عارف علويءَ کان مايوس ۽ ڏکارو آهي: عليما خان

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀيڻ عليما خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين، صدر عارف علويءَ کان مايوس ۽ ڏکارو آهي، ساڻس ڪو جيل ۾ ملڻ به ناهي ويو نه ئي سندس ڪنهن سان ڪا ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.

لاهور جي اي ٽي سي ۾ 9 مئي واقعي واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀينرن ۽ اسد عمر سميت ٻين جي عبوري ضمانت تي ٻڌڻي ٿي، عدالت جوابدارن جي عبوري ضمانتن ۾ سورهن آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عليمه خان چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو وزن گهٽجي ويو آهي، پر سندن حوصلا بلند آهن.

هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين وٽ ورزش ۽ واڪ ڪرڻ لاءِ جڳهه ناهي، سندس پيغام آهي ته کيس سائفر  ڪيس ۾ ڊگهي عرصي لاءِ جيل منتقل ٿيڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن.

عليمه خان چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته ساڻس ڪو ملڻ ناهي آيو، نه ئي ڪنهن سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀيڻ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين صدر عارف علويٰ کان مايو آهي، سندس موجب صدر اليڪشن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ وارو پنهنجو آئيني ڪردار ادا نه ڪيو، ان تي کيس ڏک آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين جو خيال هو ته صدر کي پنهنجي قوم لاءِ بيهڻ گهرجي ها….

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
32.5 ° C
32.5 °
32.5 °
13 %
2.3kmh
41 %
آچر
33 °
سُومر
34 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون