تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاريءَ جو اليڪشن يا حڪومت سان ڪو به تعلق ناهي: مريم اورنگزيب

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاريءَ جو اليڪشن يا حڪومت سان ڪو به تعلق ناهي، هڪ چور جي گرفتاريءَ کي سياسي انتقام جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين ڏيڍ سال کان پاڻ تي لڳل ڪنهن به الزام جو جواب نه ڏنو، جواب گهرڻ تي عدالت ۽ پوليس تي حملا ڪيا ويا.

هن چيو ته هوءَ واضح ڪرڻ چاهي ٿي ته ڪيس ۾ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ ۽ دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو ڏنو ويو آهي.

مريم اورنگزيب چيو ته سيشن ڪورٽن جو تفصيلي فيصلو اچي چڪو آهي، جنهن ۾ واضح طور لکيل آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي جواب جمع ڪرائڻ جو پورو موقعو ڏنو ويو.

وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري سياسي ناهي، سندس معاملي کي نوازشريف جي ڪيس سان ملائڻ جي ضرورت ناهي، نوازشريف پاڻ عدالت آڏو پيش ٿي سرخرو ٿيو.

مريم اورنگزيب چيوته پي ٽي آءِ چيئرمين کان سياسي انتقام وٺڻو هجي ها ته اهو ڪم پهرين ڏينهن ئي ڪري سگهجي پيو، اڳوڻو وزيراعظم کي حڪومت گرفتار ناهي ڪيو، ٽرائل مڪمل ٿيڻ ۽ سزا ٻڌائڻ بعد عدالتي حڪم تي گرفتار ٿيو آهي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.7 ° C
17.7 °
17.7 °
51 %
1.4kmh
100 %
آچر
23 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون