- Advertisement -
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته پي ٽي آءِ ڌرڻن ۾ ناڪاميءَ بعد لاهور ڪاليج ۾ شاگردياڻيءَ سان زيادتيءَ جي مبينا واقعي جو خطرناڪ منصوبو بڻايو.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته 10 آڪٽوبر تي ٻارڙيءَ سان مبينا زيادتيءَ جو واقعو رپورٽ ٿيو، پر ان ڏينهن ٻارڙي ڪاليج ۾ نه هئي، چيو ويو ته واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيجز ڊليٽ ڪيا ويا آهن، پهريان جيڪا ڪهاڻي گهڙي وئي پوءِ متاثر ٻارڙيءَ جي ڳولا ڪئي وئي، ڪو به اکين ڏٺو شاهد نه هو، ڇاڪاڻ ته واقعو ٿيو ئي ناهي.
هن چيو ته هو اڄ تائين متاثر نينگريءَ جي ڳولا ۾ آهن، جنهن ٻارڙيءَ جو نالو ورتو پيو وڃي، اها 2 آڪٽوبر کان اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي ۽ جنهن گارڊ تي الزام مڙهيو ويو، اهو موڪلن تي هو، پوليس ان کي سرگوڌا مان گرفتار ڪري آئي ۽ ان کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.
پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته پي ٽي آءِ واقعي کي ڏڦيڙ لاءِ استعمال ڪيو، هڪ اهڙي واقعي کي اشو بڻايو ويو، جيڪو ٿيو ئي ناهي، سوشل ميڊيا ذريعي ٻارن کي گمراهه ڪري هڪ مهم هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، بار بار احتجاج ۾ ناڪاميءَ بعد پي ٽي آءِ خطرناڪ منصوبو ٺاهيو، ٻارڙيءَ جي امڙ چيو ته سازشي ڪردار کي وائکو ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي.
مريم نواز چيو ته هنن پاڪستان جو جيڪو چهرو دنيا کي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي، اهو پاڪستان رڳو هنن پر سڀني جو آهي، هن تعليم واري وزير کي چيو ته ڪاليج جي رجسٽريشن معطل نه ڪرڻ گهرجي، واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي نه ڇڏيو ويندو- Advertisement -
