تازه ترين

پي ٽي آءِ کي عوام جي جان ۽ مال جي ڪا ڳڻتي ناهي، ڪي پي ۾ امن ڪرائڻ بدران هٿياربند جٿا اسلام آباد تي ڪاهه ۾ رڌل آهن:شازيه مري

- Advertisement -
پ پ اڳواڻ شازيه مري چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي عوام جي جان ۽ مال جي ڪا ڳڻتي ناهي، ڪي پي ۾ امن ڪرائڻ بدران هٿياربند جٿا اسلام آباد تي ڪاهه ۾ رڌل آهن. جاري ڪيل بيان ۾ شازيه مري چيو ته ڪُرم ۾ ٿيل واقعن تي ڪي پي جو وڏو وزير ۽ پي ٽي آءِ خاموش ڇو آهي؟. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جو احتجاج ڪنهن ملڪ جي سربراهه جي آمد جي موقعي تي ڇو ٿئي ٿو؟. شازيه مري چيو ته هي اسلام آباد تي حملو ڪري قومي ڏوهاري کي آزاد ڪرائڻ چاهن ٿا. هن چيو ته پي ٽي آءِ جمهوري طريقي سان احتجاج ۽ قانون جي دائري ۾ ناهي، ڏڦيڙ ۽ پرتشدد ڪاررواين ذريعي پنهنجي ليڊر جي آزادي چاهين ٿا. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي احتجاج جي نالي تي ڏڦيڙ کي قوم رد ڪري ڇڏيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.6 ° C
24.6 °
24.6 °
10 %
4kmh
0 %
سُومر
24 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون