پي ٽي آءِ کي 8 فيبروري تي رٿيل احتجاج ملتوي ڪرڻ گهرجي، 26 نومبر وانگر ڳالهه نه مڃي وئي ته ساڳي ڪارروائي ٿيندي:محسن نقوي

- Advertisement -
وفاقي گهرو وزير چيو آهي ته  پي ٽي آءِ کي 8 فيبروري تي رٿيل احتجاج ملتوي ڪرڻ گهرجي، 26 نومبر وانگر ڳالهه نه مڃي وئي ته ساڳي ڪارروائي ٿيندي،  پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا تمام سٺا آهن،  سوشل ميڊيا تي هلندڙ ڳالهين جو حقيقت سان ڪو تعلق ناهي،  پي ٽي آءِ باني جي آزادي لاءِ آمريڪا مان ڳالهه آئي ته ڏٺو ويندو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته  پي ٽِي آءِ کي درخواست آهي ته 8 فيبروري تي احتجاج نه ڪن،  جيڪڏهن هنن 26 فيبروري وانگر ڳالهه نه مڃي ته ساڳي ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته هن آمريڪا ۾ اهم ڪانگريس ميمبرن سان ملاقاتون ڪيون آهن، دوري جا وڌيڪ سٺا نتيجا سامهون اچي ويندا. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ لاءِ آمريڪا مان اڃا تائين ڪا به فون ڪال نه آئي آهي،  جيڪڏهن فون ڪال آئي ته ڏٺو ويندو. محسن نقوي چيو ته  ماڻهن طرفان ٻيڙي ذريعي  يورپ وڃڻ لاءِ ويزا جو غلط استعمال ڪرڻ نهايت غلط ۽ ڳڻتي جوڳو آهي، اهڙي قسم جي قدمن سان پاڪستان جي ساک کي نقصان پهچي رهيو آهي، جنهن ۾ مددگار ذميوار آهن. هن چيو ته  پاسپورٽ وقت تي فراهمي جو نظام بهتر ڪرڻ جو واحد حل پاسپورٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ آهي، ان سلسلي ۾ وزيراعظم سان ڳالهيون ڪيون ويون آهن. سندس چوڻ هو ته  پاسپورٽ جي آفيس يا نادرا جي ڪم ۾ ڪنهن به قسم جي دير نه ٿي رهي آهي. محسن نقوي چيو ته ايف آءِ اي ۾ تمام گهڻيون تبديليون اچي رهيون آهن،  انساني سمگلنگ ۾ ملوث  ايجنٽ مافيا خلاف حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي، جلد ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.6 ° C
23.6 °
23.6 °
40%
1.8m/s
0%
سُومر
29 °
اڱارو
30 °
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون