تازه ترين

پ پ اڳواڻ سردار سليم حيدر اڄ پنجاب جي گورنر جي عهدي جو قسم کڻندو

- Advertisement -
پ پ اڳواڻ سردار سليم حيدر اڄ پنجاب جي گورنر جي عهدي جو قسم کڻندو، اڳوڻو پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قسم کڻڻ واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ لاهور پهچندو. پنجاب جي گورنر محمد بليغ الرحمان جي حلف برداري عمري جي لاءِ سعودي عرب ۾ هجڻ سبب قسم کڻڻ واري تقريب ٻه ڀيرا ملتوي ڪئي وئي، مسلم ليگ (ن) پ پ قيادت کي قسم کڻڻ واري قريب ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي. سردار سليم حيدر خان اڄ پنجاب جي گورنر طور قسم کڻندو، قسم کڻڻ واري تقريب شام 4 وڳي گورنر هائوس لاهور ۾ ٿيندي، چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ شهزاد خان نئين گورنر کي قسم کڻائيندو، جنهن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.   پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول زرداري اڄ لاهور پهچندو ۽ گورنر هائوس ۾ نامزد گورنر سليم حيدر جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪندو، اڳوڻو پرڏيهي وزير 4 ڏينهن تائين لاهور ۾ ترسندو، بلاول ڀٽو زرداري آچر ڏينهن الحمراءَ ۾ ٿيندڙ سيمينار ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24.5 ° C
24.5 °
24.5 °
56 %
6.3kmh
31 %
خميس
24 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون