تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پ پ جي سڏ تي سنڌ ۾ سرڪاري نوڪريون روڪرائڻ لاءِ عدالت مان اسٽي آرڊر وٺڻ تي جي ڊي اي جي سمورن اتحادي پارٽين خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پ پ جي سڏ تي سنڌ ۾ سرڪاري نوڪريون روڪرائڻ لاءِ عدالت مان اسٽي آرڊر وٺڻ تي جي ڊي اي جي سمورن اتحادي پارٽين خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومري جي اڳواڻيءَ ۾ شهر جي ذوالفقار باغ کان احتجاجي ريلي نڪتي، جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي جناح باغ چوڪ وٽ پهتي جتي ڌرڻو هنيو ويو.

 ڌرڻي ۾ ميئر لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ انور علي نواز لُهر، ڊپٽي ميئر محمد امين شيخ، چيئرمين ضلع ڪائونسل لاڙڪاڻو اعجاز احمد لغاري، وائيس چيئرمين اسدالله ڀٽو، ميونسپل ٽائون ڪميٽي دڙي جي چيئرمين شاهه رخ سيال، ٽائون ڪاميٽي حيدري جي چيئرمين عبدالحق کهاوڙ  پ پ سٽي لاڙڪاڻي جي صدر خير محمد شيخ سميت پ پ اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 ڌرڻي کي خطاب ڪندي جميل احمد سومري، اعجاز احمد لغاري ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي اَٽي، لَٽي ۽ اَجهي جي نعري تي عمل ڪندي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور کان وٺي هن وقت تائين ڪيترن ئي بيروزگار نوجوانن ۽ نياڻين کي نوڪريون ڏئي روزگار سان لڳايو.

هنن چيو ته پيپلز پارٽي جي 2008 جي وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت ۾ به رڪارڊ نوڪريون ڏنيون ويون جيڪا ڳالهه آمراڻي سوچ رکندڙ ماڻهن کي هميشه پسند نه هوندي آهي ۽ هو مختلف وقتن تي پروپئگنڊه ڪندا رهن ٿا، جي ڊي اي ۽ سندن اتحادي پارٽين گريڊ هڪ کان چار جي نوڪرين جا آرڊر روڪرائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي جنهن تي عدالت اسٽي جاري ڪيو.

سندن چوڻ هو ته مخالف چون پيا ته اهي نوڪريون پهريان ڇو نه ڏنيون ويون، هو کين ٻڌائڻ ٿا چاهين ته اهي نوڪريون مختلف سببن جي ڪري نه ڏنيون ويون ان ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مٿان پابندي سميت مختلف وقتن تي ٿيل مڪاني چونڊون ۽ ٻيا اهڙا معاملا هئا جنهن ڪري اهو مرحلوم مڪمل نه ٿي سگهيو پر پيپلز پارٽي پنهنجو واعدو پورو ڪري سنڌ حڪومت جي آخري ڏهاڙن ۾ به نوڪرين جا آرڊر ڏنا جيئن غريب ماڻهن جا چلُها ٻري سگهن جيڪا ڳالهه مخالفن کي پسند نه آئي ۽ هنن عدليه جو سهارو وٺي سنڌ جي نوجوانن کي بيروزگار ڪيو آهي.

 پ پ اڳواڻن چيو ته اميد ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري گريڊ هڪ کان چار جي نوڪرين تان پابندي ختم ڪندي، ايندڙ عام چونڊن ۾ به پيپلز پارٽي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ٻيهر سنڌ جي نوجوانن کي روزگار فراهم ڪندي.  ڌرڻي کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومري لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪي آئين ۾ ڪٿي به لکيل ناهي ته آدمشماري کان پوءِ تڪبنديون ٿين ان لاءِ پيپلز پارٽي ملڪ اندر 90 ڏينهن اندر عام چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
28.6 ° C
28.6 °
28.6 °
18 %
5.6kmh
97 %
جمعو
28 °
ڇنڇر
29 °
آچر
31 °
سُومر
32 °
اڱارو
30 °

تازه ترين خبرون