- Advertisement -
اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نياڻي بي بي آصفه ڀٽو زرداري لاهور ۾ پيپلز پارٽي جي اليڪشن آفيس تي حملي ۽ ڪراچي ۾ پارٽي جي ڪارنر گڏجاڻي تي فائرنگ جي مذمت ڪئي آهي، سندس چوڻ آهي ته پ پ جي ڪارڪنن کي گولين ۽ بم حملن سان ڊيڄارڻ جي ڪوشش ناڪام ٿيندي، پيپلز پارٽي جي سڄي ملڪ ۾ مقبوليت ڏسي سياسي مخالفن کي پنهنجي شڪست صاف نظر اچي رهي آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته ڪراچي جي ضلعي ملير جي علائقي گلشن بونير ۾ جيالي اميدوار آغا رفيع الله جي ڪارنر ميٽنگ تي گوليون هلايون ويون.
بي بي آصفه ڀٽو زرداري، اين اي 230 تي پ پ اميدوار جي ڪارنر ميٽنگ ۾ فائرنگ دوران زخمي ٿيلن جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.
اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نياڻي بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي لاهور اين اي 127 جي صوبائي تڪ پي پي 162 جي چونڊ آفيس کي نشانو بڻائڻ بزدلاڻي حرڪت آهي.
هن مطالبو ڪندي چيو ته لاهور پوليس جيالي اميدوار منظر عباس کوکر جي اليڪشن آفيس کي پيٽرول بم سان نشانو بڻائڻ جو فوري طور ڪيس داخل ڪيو وڃي.
اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نياڻي بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي جو چونڊ ميدان ۾ مقابلو ڪرڻ بدران ڪريل حرڪتن تي لهڻ اصل ۾ شڪست جو اعتراف آهي………….- Advertisement -
