- Advertisement -
پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو بنا مقابلي سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو چيئرمين چونڊجي ويو.
سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ميمبرن نثار کحڙي کي پي ايَ سي جو چيئرمين چونڊيو.
پي ايَ سي جي سمورن ميمبرن نثارکهڙي کي ووٽ ڏئي بنامقابلي چيئرمين چونڊيو، ستن ميمبرن تي ٻڌل پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جي ميمبرن ۾ نثار کهڙي سميت پ پ جو محمد قاسم سومرو، سعديا جاويد، سيد فرخ احمد شاهه، مخدوم فخرمان، خرم ڪريم سومرو ۽ سني اتحاد ڪائونسل جو محمد ريحان راجپوت شامل آهن.
ان موقعي تي ڳالهائيندي نثار احمد کهڙي چيو ته پي ايَ سي جو چيئرمين نامزد ڪرڻ تي هو پارٽي قيادت جو ٿورائتو آهي، پي ايَ سي سنڌ جي سمورن کاتن ۾ فنڊن جي خرچن ۽ استعمال جي نگراني ڪندي.
هن چيو ته عوام جي ٽيڪس جو پيسو عوام جي بهتري ۽ عوامي مفادن تي خرچ ڪيو وڃي، جنهن به کاتي بابت شڪايتون ملنديون ان خلاف پي اي سي ڪارروائيءَ جي سفارش ڪندي.
نثار کهڙي چيو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سرڪاري فنڊن جو غير قانوني استعمال ڪنهن به صورت برداشت نه ڪندي.- Advertisement -
