- Advertisement -
پ پ شهيد ڀٽو جي باني مير مرتضيٰ ڀٽو جي 28 هين ورسي ملهائي پئي وڃي، مختلف شهرن ۾ قرآن خواني ۽ تقريبون ڪوٺائي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ڪيترائي سال گذرڻ وڃڻ باوجود سندس خون سان انصاف ناهي ٿي سگهيو.
پ پ شهيد ڀٽو پاران ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي باني مير مرتضيٰ ڀٽو جي 28 هين ورسي تي قرآن خواني ڪرائي اجتماعي دعا گهري شهيدن جي آخري آرامگاهه تي حاضري ڀري ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
پ پ شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو طرفان سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي ميمبر غلام حيدر ناريجو، پارٽي اڳواڻن سليم چنه، وريام چنه، غلام نبي ڪولاچي، شاهد ميان ڀٽو ۽ ٻين سان گڏجي شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي آخري آرامگاهه تي گلن جي چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪئي.
پاڪستان پيپلز پارٽي پاران صدارتي هائوس نئون ديرو ۾ قرآن خواني ڪئي وئي.
قرآن خواني ۾ پ پ اڳواڻ خير محمد شيخ، عبدالفتاح ڀٽو، مرادان چانڊيو، بشيران موهل، ٻين شرڪت ڪئي.
قرآن خواني ڪرڻ بعد اجتماعي دعا گهري شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي سياسي جدوجهد تي کيس سلام ۽ ڀيٽا پيش ڪري لنگر ورهايو ويو.- Advertisement -
