سنڌ هائيڪورٽ جناح اسپتال کي وفاق کان صوبي ۾ منتقلي بابت درخواست تي وفاقي حڪومت، سنڌ سرڪار ۽ ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ جناح اسپتال کي وفاق کان صوبي ۾ منتقلي بابت درخواست تي وفاقي حڪومت، سنڌ سرڪار ۽ ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو. سنڌ هائيڪورٽ ۾ جناح پوسٽ گريجوئيٽ سينٽر کي وفاق کان صوبي ۾ منتقلي بابت ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي. درخواست ڏيندڙ موقف اختيار ڪيو ته2019ع واري سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب جناح اسپتال وفاق جي حوالي ناهي ڪئي وئي. درخواست ڏيندڙن چيو ته سپريم ڪورٽ حڪم ڏيندي چيو هو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ جناح اسپتال سنڌ حڪومت جي حوالي نٿي ڪري سگهجي. درخواست ڏيندڙن چيو ته جناح پوسٽ گريجويٽ ميڊيڪل ۽ ريسرج ادارو آهي، اعليٰ عدالت جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري پبلڪ سروس ڪميشن جي ملازمن جي جاءِ تي نان ڪميشن آفيسرن کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي. سندن چوڻ هو ته سنڌ حڪومت رٽائرڊ ۽ من پسند نان ڪميشن آفيسرن کي مختلف کاتن ۾ ڀرتي ڪري رهي آهي، جي پي ايم سي ۾ اصل ملازمن جي حق جي لتاڙ ٿي رهي آهي، ترقيون روڪيون پيون وڃن. درخواست ڏيندڙن چيو ته جناح اسپتال ۾ ٽيچنگ فيڪلٽي جي نالي تي مٿي باڊي بڻائڻ چاهن ٿا، جناح اسپتال کي سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب وفاق حوالي ڪري سنڌ حڪومت جي مداخلت کي روڪيو وڃي. عدالت وفاقي حڪومت، سنڌ سرڪار ۽ ٻين واسطيدار ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.9 ° C
26.9 °
26.9 °
25%
4.6m/s
0%
اڱارو
26 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون