- Advertisement -
پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ ڪنري لڳ مانجهاڪر پهچي مرحوم نواب يوسف ٽالپر جي لاڏاڻي تي سندس وارثن سان تعزيت ڪندو.
بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏو وزير سيد مراد علي شاھ مانجهاڪر پهچي مرحوم نواب يوسف ٽالپر جي لاڏاڻي تي سندس فرزند ايم پي اي نواب تيمور ٽالپور سان تعزيت ڪندا.
بلاول ڀٽو زرداري مانجهاڪر مان تعزيت بعد عمرڪوٽ کاروڙو سيد پهچي صوبائي وزير سردار علي شاھ جي مامي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندو.
بلاول ڀٽو زرداري سنڌڙي ايئر بيس پهچي روڊ ذريعي مانجهاڪر پهچندو.- Advertisement -
