- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري برسات دوران پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته پنجاب ۽ ڪي پي جي مختلف علائقن ۾ برسات دوران جاني نقصان تي صدمو پهتو آهي.
سند چوڻ هو ته ڏکڻ پنجاب جي ضلعن بهاولپر، بهاولنگر، رحيم يارخان، مظفر ڳڙهه، راجن پور ۽ لوڌران ۾ ٿيل جاني نقصان تي کيس ڏک پهتو آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته پنجاب حڪومت کي برساتي ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن جي ڀرپور مدد ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته ڪي پي جي حڪومت ۽ ڊزاسٽر مينيجمينٽ لينڊ سلائيڊنگ سبب ڦاٿل شهرين جي مدد ڪن.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چمن، ڊيرا بگٽي ۽ ڪوهلو سميت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾برسات دوران ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي کيس صدمو پهتو آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته کيس يقين آهي ته بلوچستان جي عوامي حڪومت برسات متاثرن کي هن ڏکي گهڙي ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ ۾ وڄ ڪرڻ جي واقعن ۾ واڌ موسمياتي تبديلي جي ڪري آهي…………..- Advertisement -
