پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران رحيم يار خان ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ 12 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو.
هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته امن امان صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، ڏوهاري عنصرن کي لوهن هٿن سان چٿڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته اميد آهي ته پنجاب پوليس جي 12 جوانن جي شهادت جي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
پ پ چئيرمين جو چوڻ هو ته شهيد اهلڪار قوم جا بهادر پٽ هئا، سندس قربانيون ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين.
هن چيو ته واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي، زخمين جي بهتر علاج کي يقيني بڻايو وڃي.
پ پ چيئرمين جو وڌيڪ چوڻ هو ته پنجاب پوليس جو جوانن جو فرض جي ادائگي خاطر قربانيون لازوال آهن.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو شهيد اهلڪارن جي گهر ڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪن ٿا.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران رحيم يار خان ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ 12 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
11.9
°
C
11.9
°
11.9
°
23%
1.1m/s
0%
خميس
14
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°
سُومر
17
°


