- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪي پي ۾ اي پي سي جي آجيان ڪئي آهي.
هڪ بيان ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽوزرداري چيو ته عوام جي مشڪلن جو حل ڪڍڻ واريون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن.
هن چيو ته سياسي ڌرين ۾ ڳالهيون چئلنجز کي منهن ڏيڻ جو اثرائتو ذريعو آهن
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪي پي جي حڪومت پنهنجو فرض ادا نه ڪري رهي آهي.
هن چيو ته ڪي پي حڪومت عوامي خدمت بدران انتهاپسندي واري سياست ۾ رڌل آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪي پي جي حڪمران پارٽي کي اي پي سي جي دعوت ڏني پر هنن شرڪت کان انڪار ڪيو.
هن چيو ته ڪي پي جي عوام جو حق آهي ته سندن مسئلن کي حل ڪيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته انشاءَ الله ڪي پي حڪومت جي مدد سان يا وري سندن مدد کانسواءِ صوبي جي عوام جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي.- Advertisement -
