ٿاڻن جي بجيٽ جو استعمال ايس ايڇ اوز جي صوابديد تي ٿيڻ گهرجي: آءِ جي سنڌ غلام نبي

- Advertisement -
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته ٿاڻن جي بجيٽ جو استعمال ايس ايڇ اوز جي صوابديد تي ٿيڻ گهرجي، زباني حڪمن تي اهلڪارن جي مقرر فوري طور بند ۽ رد ڪئي وڃي، هٿيارن جي نمائش ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿاڻن ۾ سڌارن بابت اجلاس سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي پوليس چيف، زونل ۽  ڊويزنل ڊي آءِ جيز ۽ ٻين عملدارن  شرڪت ڪئي. ترجمان موجب اجلاس دوران پوليس اسٽيشنن ۾ تجويز ڪيل سڌارن بابت گذريل تجويزن جو تفصيلي جائز ورتو ويو، جڏهن ته آفيسرن ٿاڻن ۾ نفري، بجيٽ، گاڏين ۽  گهربل ڪئمرائن تي ٻڌل رپورٽ پيش ڪئي. آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته ضلعي سطح تي دستياب نفري جو جائزو وٺي ٿاڻن ۾ مقرري يقيني بڻائڻ وڃي، ٿاڻن ۾ بجيٽ جي فراهمي جي تجويز سان ٿاڻا مالي طور خودمختيار ٿي ويندا، پوليس سڪيورٽي جي فراهمي  رڳو سڪيورٽي ون جي ذميواري آهي. غلام نبي ميمڻ چيو ته ايس ايڇ اوز جي غير منطقي ۽ قاعدن خلاف تبديلي روڪڻ لاءِ قانون سازي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ڊي آءِ جيز، ايس ايس پيز، ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز عوام وچ ۾ پنهنجي موجودگي يقيني بڻائن. آءِ جي سنڌ چيو ته سمورا آفيسر پنهنجن ضلعن ۾ ٽيهن ڏينهن اندر هڪ ماڊل پوليس اسٽيشن قائم ڪن، عيد جي موقعي تي سڪيورٽي جا انتظام ساراهه جوڳا آهن
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.5 ° C
31.5 °
31.5 °
24%
2.9m/s
0%
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون