ٿرڙي محبت: هٿياربندن جي ڦرلٽ، فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار قتل

- Advertisement -
ٿرڙي محبت ڀرسان ڦر مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ جهل مگسي واسي اي آءِ اي قتل ٿي ويو جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا، مارجي ويل جو لاش ۽ زخمين کي ميهڙ اسپتال منتقل ڪيو ويو. انڊس هاءِ وي تي بريدارو پوليس چوڪي ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن لاڙڪاڻي کان ميھڙ ايندڙ ڪار ۽ مسافر ڪوچ کي روڪي عورتن سميت مسافرن کان ڦرلٽ ڪئي، مزاحمت ڪرڻ تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪوچ ۾ سوار جهل مگسي واسي اي ايس آءِ غلام عباس مگسي گولين جو کاڄ بڻجي ويو جڏهن ته ڪلينر خالد راھوجو ۽ ڪار سوار مصري خان جتوئي زخمي ٿي پيا، مارجي ويل جو لاش ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال ميهڙ منتقل ڪيو ويو. اسپتال ۾ موجود ڪوچ ڊرائيور منور راھوجو، ڪار سوار آفتاب احمد ۽ ٻين ٻڌايو ته هو لاڙڪاڻي کان ميھڙ اچي رھيا هئا ته ھٿياربندن روڊ تي پلال رکي روڊ بند ڪري سرعام ڦر لٽ ڪري رھيا ھئا. هنن ٻڌايو ته هٿياربندن ڪار ۾ سوار عورتن جا زيور لاھڻ بعد سوار مصري خان جتوئي کي فائرنگ ڪرڻ بعد زخمي ڪيو ۽ مسافر ڪوچ کي بيھارڻ لاءِ فائرنگ ڪئي. واقعي جي اطلاع باوجود ٿرڙي محبت ۽ ميھڙ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي نه سگھي هئي…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9 ° C
9 °
9 °
29%
1.9m/s
0%
آچر
9 °
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °

تازه ترين خبرون