- Advertisement -
ٿر جي مختلف علائقن ۾ تيز هوا سان برسات سبب ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو، تيار فصلن کي نقصان جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.
ٿر جي علائقي مٺي، ننگرپارڪر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ وسڪاري سبب ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو.
تيار فصل کي نقصان جي خدشي سبب علائقي واسين طرفان فصل لڻڻ جو عمل جاري آهي.
آبادگارن جو چوڻ آهي ته برسات سبب تيار ٿيل فصل هاڻي خراب ٿيڻ جو خدشو آهي.
- Advertisement -
