- Advertisement -
ڀارتي اداڪارا ۽ تازو لوڪ سڀا جي چونڊيل ميمبر ڪنگنا رناوت کي چماٽ هڻندڙ عورت اهلڪار کي معطل ڪيو ويو آهي.
گذريل ڏينهن چندي ڳڙهه ايئرپورٽ تي ڪنگنا رناوت نئين دهلي لاءِ جهاز ۾ چڙهڻ واري هئي ته ان دوران سينٽرل انڊسٽريل سيڪيورٽي فورس جي هڪ عورت اهلڪار کيس چماٽ وهائي ڪڍي.
ٻي پاسي اداڪارا ڪنگنا رناوت جو وڊيو بيان سامهون آيو آهي، جنهن ۾ سندس چوڻ آهي ته چماٽ هڻڻ بعد هن ليڊي اهلڪار کان ان جو ڪارڻ پڇيو ته هن ٻڌايو ته آئون هارين جي تحريڪ جي حمايت ڪريان ٿي، توهان هارين جي بي عزتي ڪئي هئي، جنهن تي ڪاوڙجي چماٽ هنئي آهي.
ڪنگنا جو وڌيڪ چوڻ آهي ته مون کي افسوس آهي ته پنجاب ۾ جيڪا دهشتگردي ۽ انتهاپسندي وڌي رهي آهي ان کي ڪيئن ٿو روڪي سگهجي.- Advertisement -
