تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڀارت سان جنگ کانپوءِ پاڪستان جو اسٽينڊرڊ سڀني اڳيان آهي ۽ مودي دنيا اڳيان منهن لڪائي رهيو آهي : بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي دور ۾ آزاد ڪشمير ۾ پ پ جي مئنڊيٽ تي ڌاڙو هنيو ويو، ڪشمير ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ ٽن نسلن جو رشتو آهي. مظفر آباد ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ممتاز راٺوڙ جي قسم کڻڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ڀارت سان جنگ کانپوءِ پاڪستان جو اسٽينڊرڊ سڀني اڳيان آهي ۽ مودي دنيا اڳيان منهن لڪائي رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد بينظير ڀٽو آزاد ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ جي نمائندگي ڪئي. هن چيو ته آزاد ڪشمير کي وفاقي حڪومت کان حق ڏياريا ويندا، ماضي جي فيصلن سبب آزاد ڪشمير ۾ خال پيدا ٿيو. سندس چوڻ هو ته حق جي جنگ ۾ ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ملي آهي، پاڪ فوج ڀارت جا 7 جنگي جهاز تباهه ڪيا. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ڀارت سان جنگ کانپوءِ پاڪستان جو اسٽينڊرڊ سڀني جي اڳيان آهي ۽ مودي دنيا کان منهن لڪائي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته آمريڪا هجي يا ٻيا ملڪ انهن کي ياد ڏياريندا ته 7 جهاز ڪريا هئا، دنيا جو ڪوبه فورم هجي ڀارت اتان ڀڄي رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ڪشمير جي ڀائيچاري کي نقصان پهچائيندو آهي، مودي سرڪار کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اوهان جنگيون به هارايون ۽ هاڻي سازشون به هارائيندئو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.7 ° C
17.7 °
17.7 °
51 %
1.4kmh
100 %
آچر
23 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون