ڀريا روڊ ويجهو پورهيت مبينا طور پنجاب کان ڪراچي ويندڙ ٽرين مان ڪرڻ سبب فوت ٿي ويو

- Advertisement -
ڀريا روڊ ويجهو پورهيت مبينا طور پنجاب کان ڪراچي ويندڙ ٽرين مان ڪرڻ سبب فوت ٿي ويو ، جڏهن ته وارثن پاران احتجاج ڪندي سندس گهرواري تي کيس قتل ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. ڳوٺ پير بچل شاهه ويجهو پورھيت مبينا طور پنجاب کان ڪراچي ويندڙ ملت ايڪسپريس مان ڪري فوت ٿي ويو. علائقي واسين لاش ڏسي ريلوي پوليس کي اطلاع ڏنو. اطلاع ملڻ بعد ريلوي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو، جتي سندس سڃاڻپ ڪريم بخش مري طور ٿي. ريلوي پوليس ٻڌايو ته ڀرياروڊ واسي رڪشا ڊرائيور ڪريم بخش مري ملت ايڪسپريس مان ڪري فوت ٿيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. نوجوان جي ڀائرن رحيم بخش، هادي بخش مري ۽ امڙ پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪريم بخش کي سندس گهرواري ۽ پٽن قتل ڪيو آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
21.9 ° C
21.9 °
21.9 °
32%
4.2m/s
22%
اربع
21 °
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون