تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڀريا روڊ ويجهو پوليس موبائل ڪلٽي ٿيڻ سبب ايس ايچ او سميت10 اهلڪار زخمي

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن ۾ 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڀريا روڊ ويجهو پوليس موبائل ڪلٽي ٿيڻ سبب ايس ايچ او سميت10 اهلڪار زخمي ٿي پيا. واپڊا گرڊ اسٽيشن ويجهو قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ايس ايڇ او نادر علي، اهلڪار ذوالفقار علي، مدثر، عبداللطيف، مقيم، مجاهد، نذير، ممتاز، گل بهار۽ منير سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي زخمي اهلڪارن کي کڻائي نوشهرو فيروز اسپتال منتقل ڪيو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي. ايس ايس پي نوشهرو فيروز صدام حسين خاصخيلي اسپتال پهچي زخمي اهلڪارن جي عيادت ڪئي. پوليس اهلڪار ڪورائي ٿاڻي تي مقرر هئا، جيڪي ڪنڊيارو وڃي رهيا هئا، ته قومي شاهراهه تي ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب موبائل ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿي پيا. هوڏانهن جيڪب آباد ويجهو قومي شاهراهه تي مزدا جو رڪشا کي ٽڪر لڳڻ سبب ٻارن ۽ عورتن سميت پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ نينگر عبدالرسول بهراڻي، مسمات نظيران، جميلا بهراڻي، حبيب الله ۽ خان ڏنو شامل آهن. اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
10 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
few clouds
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
25 %
2.5kmh
17 %
آچر
24 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون