تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڄامشوري جي عدالت نورعين عرف نوين فاطما قتل ڪيس ۾ سندس والد ۽ ڀاءُ جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ڄامشوري جي عدالت نورعين عرف نوين فاطما قتل ڪيس ۾ سندس والد ۽ ڀاءُ جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي جڏهن ته ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ جوابدار محمد علي مهر ۽ احسن مهر عدالت مان کسڪي ويا ۽ پوليس ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نه ڪئي.

ڄامشوري جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج عبدالحڪيم قاضي جي عدالت ۾ بيدردي سان قتل ڪيل نورعين عرف نوين فاطما مھر جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران عدالت نورعين عرف نوين فاطما مھر جي پيءُ ۽ ڀاءُ جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

عدالت مان ضمانت رد ٿيڻ بعد جوابدار محمد علي مھر ۽ سندس پٽ احسن مھر کسڪي ويا.

پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نه ڪئي.

فريادي جي وڪيل ايڊووڪيٽ مير احمد مڱريو ٻڌايو ته قتل ڪيس جي اهم ٻڌڻي هئي جوابدارن جي ضمانت رد ٿي پوليس جي موجودگي ۾ جوابدار عدالت مان فرار ٿي ويا آهن.

15 مئي 2023 تي ڀان سيدآباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ گلشير مھر ۾ بيدردي سان قتل ڪيل پرائمري ٽيچر نورعين عرف نوين فاطما مھر کي قتل ڪيو ويو هو.

ڀان سيد آباد ٿاڻي تي نورعين عرف نوين فاطما جي مڙس جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.9 ° C
21.9 °
21.9 °
40 %
0.5kmh
87 %
جمعو
22 °
ڇنڇر
28 °
آچر
31 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون