ڄامشوري ۾ سي آءِ اي پوليس مقابلي دوران ٻن هٿياربندن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.
ڄامشورو پوليس ترجمان موجب، ٽي موڙ ڄامشورو ويجهو گشت دوران سي آءِ اي اهلڪارن مٿان ڪار ۾ سوار 5 هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ ٻن جوابدارن کي زخمي حالت م گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته ٽي ڄڻا اونڌاهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا.
پوليس ترجمان موجب، گرفتار جوابدارن ۾ مرتضى سولنگي ۽ عمر پنجابي شامل آهن جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته سندن قبضي مان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا.
پوليس ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته فرار ٽن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ناڪابندي ڪئي وئي آهي جڏهن ته گرفتار جوابدار جو ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي.
