تازه ترين

چوماسي جي تيز برساتن سبب سنڌ حڪومت پاران ڪراچي ڊويزن جي اسڪولن ۾ اڄ عام موڪل جو اعلان

- Advertisement -
چوماسي جي تيز برساتن سبب سنڌ حڪومت پاران ڪراچي ڊويزن جي اسڪولن ۾ اڄ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي پاران خراب موسم بابت جاري ڪيل ايڊوائزري کي نظر ۾ رکندي ڪراچي ۾ اڄ سمورا سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارا بند رهندا. صوبائي وزير تعليمي ادارن جي شاگردن ۽ عملي جي حفاظت کي اوليت ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته موسم جي اڳڪٿي ۽ برسات جي شدت کي ڏسندي ڪنهن به امڪاني خطري کان بچڻ لاءِ احتياطي اپاءُ وٺڻ ضروري آهن. شرجيل انعام ميمڻ شهرين کي اپيل ڪندي چيو ته هو موسم جي حوالي سان باخبر رهن ۽ شديد برسات دوران احتياتي اپاءُ وٺن. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حڪومت الرٽ آهي ۽ چوماسي جي برساتن سبب پيدا ٿيندڙ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24.3 ° C
24.3 °
24.3 °
44 %
1.4kmh
41 %
اڱارو
24 °
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون