- Advertisement -
چوٽياريون ڀرسان قتل ٿيل ٽن ڄڻن جي وارثن جو سانگهڙ ۾ لاشَ رکي ڌرڻو چوٿين ڏينهن به جاري آهي.
عورتن ۽ ٻارن سميت هنيل ڌرڻي جي حمايت ۾ سوين ماڻهو شريڪ آهن،
گذريل ڏينهن پ پ ايم اين اي شازيه مري کانپوءِ سروري جماعت جي سربراهه ۽ پ پ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان به متاثرن سان ملاقات ڪئي ۽ احتجاج جي ڀرپور حمايت ڪندي ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو.
مخدوم جميل الزمان جو چوڻ هو ته بااثرن ٽن ماڻهن کي قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي، واقعي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، متاثرن سان انصاف ٿيندو ۽ مرضي موجب ڪيس داخل ٿيڻ تائين ڌرڻو جاري رهندو.
سندس چوڻ هو ته هـُو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي به چوٽياريون ۾ ٿيل ظلم بابت آگاهه ڪندو، ڌرڻي جي حمايت ڪرڻ تي پير پاڳاري جو ٿورائتو آهي.- Advertisement -
