تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا صدر عارف علويءَ سان ملاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا صدر عارف علويءَ سان ملاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو، صدر کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم بعد چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي، صدر آرٽيڪل 58 ٽو تحت اسيمبلي ٽوڙي ته اليڪشن جي تاريخ مقرر ڪري سگهي ٿو، اسيمبلي وزيراعظم جي ايڊوائس تي ٽٽي ته چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ جو اختيار  اليڪشن ڪميشن وٽ آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا، صدر کي جوابي خط لکيو.

خط ۾ چيو ويو ته في الحال چيف اليڪشن ڪمشنر صدر سان ملاقات نه ڪندو، قومي اسيمبلي وزيراعظم جي ايڊوائس تي آئين جي آرٽيڪل 58 ون تحت ٽٽي، اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 57 ۾ ترميم ٿي چڪي آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر طرفان خط ۾ چيو ويو ته اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم بعد اليڪشن جي تاريخ مقرر ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي.

خط موجب صدر آرٽيڪل 58 ٽو تحت اسيمبلي ٽوڙي ته اليڪشن جي تاريخ مقرر ڪري سگهي ٿو.

اليڪشن ڪميشن جوابي خط ۾ چيو ته جيڪڏهن اسيمبلي وزيراعظم جي ايڊوائس تي ٽٽي ته اليڪشن جي تاريخ مقرر ڪرڻ جو اختيار  اليڪشن ڪميشن کي آهي.

اليڪشن ڪميشن جوابي خط ۾ چيو ته صدر جي خط ۾ اٿاريل نقطا موجوده حالتن ۾ لاڳو نٿا ٿين.

خط موجب  وزيراعظم جي ايڊوائس بعد صدر جو آرٽيڪل 48 پنج جو اختيار ختم ٿي وڃي ٿو.

جوابي خط ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن چونڊون ڪرائڻ جي ذميواري ادا ڪرڻ لاءِ سنجيده آهي.

جوابي خط ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن صدر جي آفيس کي احترام سان ڏسي ٿي.

خط موجب صدر سان ملاقات فخر جوڳي ڳالهه آهي ۽ مناسب وقت تي صدر کان رهنمائي ورتي ويندي. جوابي خط ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن سمجهي ٿي ته ملاقات جا نتيجا معمولي هوندا.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
20.6 ° C
20.6 °
20.6 °
31 %
0.7kmh
100 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °
آچر
31 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون