تازه ترين

چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ پوليو مهم بابت اجلاس

- Advertisement -
سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ تيرهن کان 19 آڪٽوبر تائين 10 ڏهائي 6 ملين ٻارن کي پوليو کان بچاءُ ۽ وٽامن ايَ جا ڦڙا پياريا ويندا. چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ پوليو مهم بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪمشنر ڪراچي، سيڪريٽري صحت ۽ ايِ او سي ڪوآرڊينيٽر شريڪ ٿيا، جڏهن ته سمورن ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن، ڊي ايڇ اوز ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. آصف حيدر شاهه چوڻ هو ته سنڌ ۾ تيرهن کان 19 آڪٽوبر تائين 10 ڏهائي 6 ملين ٻارن کي پوليو کان بچاءُ ۽ وٽامن ايَ جا ڦڙا پياريا ويندا. هن چيو ته مهم ۾ 80 هزار کان وڌيڪ پوليو رضاڪار حصو وٺندا، وڏي وزير سمورن  چونڊيل نمائندن کي پوليو مهم دوران فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. چيف سيڪريٽري چيو ته پارليامينٽ ميمبر ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندڙ والدين کي ڦڙا پيارڻ لاءِ راضي ڪرڻ ۾ مدد ڪن. هن چيو ته روزانو جي بنياد تي انڪاري والدين جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، اسسٽنٽ ڪمشنر يوسي سطح تي پوليو مهم جي مانيٽرنگ ڪن. چيف سيڪريٽري اسسٽنٽ ڪمشنر سوڀوديرو، اسسٽنٽ ڪمشنر گمبٽ ۽ ڊي سي خيرپور تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. سندس چوڻ هو ته ڪولڊ چين جي مسئلن جو حل يقيني بڻايو وڃي، پوليو ٽيم گهر گهر پهچي ۽ هر ٻار کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ کي يقيني بڻايو وڃي……………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.4 ° C
25.4 °
25.4 °
28 %
1.1kmh
0 %
آچر
25 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون