- Advertisement -
چين ايمرجنسي پلان لاڳو ڪري جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، چيني سفارتخاني جو چوڻ آهي ته پورٽ قاسم اليڪٽرڪ پاور ڪمپني جي چيني عملي کي وٺي ويندڙ قافلي تي ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو حملو ڪيو ويو، حملي ۾ 2 چيني مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، جڏهن ته هڪ مقامي شهري به مارجي ويو ۽ ڪجهه زخمي ٿي پيا آهن.
جاري ڪيل بيان ۾ چيني سفارتخاني چيو ته پاڪستان ۾ چيني سفارتخانو ۽ قونصليٽ جنرل هن دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪن ٿا.
چيني سفارتخاني چيو ته پاڪستان ۽ چين جي بيگناهه مارجي ويلن ۽ زخمين جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪن ٿا، پاڪستاني اختيارين سان حملي بعد جي صورتحال جو گڏجي جائزو وٺي رهيا آهن.
چيني سفارتخاني جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني ۽ قونصليٽ جنرل فوري طور هڪ هنگامي منصوبو شروع ڪيو آهي، جنهن ۾ حملي جي مڪمل جاچ ڪئي ويندي.
چيني سفارتخاني چيو ته جوابدارن کي سخت سزا ڏيڻ، پاڪستان ۾ چيني شهرين، ادارن ۽ منصوبن جي حفاظت لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ جي درخواست آهي.
چيني سفارتخاني جو چوڻ آهي ته چيني سفارتخاني ۽ قونصل خاني، پاڪستان ۾ چيني شهرين، ڪاروباري ادارن ۽ پراجيڪٽس کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪندي سڪيورٽي جي صورتحال تي ڌيان ڏيڻ، حفاظتي قدمن کي مضبوط بڻائڻ ۽ حفاظتي اپاءَ وٺڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي.- Advertisement -
