- Advertisement -
چين جو نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ اسلام آباد پهچي ويو آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب چيني نائب پرڏيهي وزير سي پيڪ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سي پيڪ جي گڏيل ورڪنگ گروپ جو عالمي سهڪار ۽ رابطن بابت اجلاس اڄ ٿيندو.
ترجمان موجب چيني پرڏيهي وزير پاڪستاني پرڏيهي سيڪريٽري سان گڏ اجلاس جي صدارت ڪندو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته چيني نائب پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي اعليٰ قيادت سان ملاقات جو به امڪان آهي………….- Advertisement -
