تازه ترين

چين نه پر آمريڪا کي دنيا جي قيادت ڪرڻي آهي : آمريڪي صدر بائيڊن جو قوم کي الوداعي خطاب

- Advertisement -
امريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته سندس حڪومتي دور ۾ آمريڪا وڏن چئلينجن کي منهن ڏنو آهي، چين نه پر آمريڪا کي دنيا جي قيادت ڪرڻي آهي. پنهنجي الوداعي  خطاب ۾ آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو ته  نائب صدر ڪميلا هيرس ۽ سندس ٽيم جي سهڪار جي نتيجي ۾  سندس حڪومتي دور ۾ ڏکيائين کي منهن ڏنو ويو. هن چيو ته کين آمريڪا ۾ جمهوريت کي محفوظ ڪرڻو آهي،  ڪجهه امير ماڻهن جي هٿن ۾ طاقت اچڻ تي کيس ڳڻتي آهي. سندس چوڻ هو ته موجوده دور ۾ سوشل ميڊيا تي غلط ڄاڻ ۽ ڊس انفارميشن جو دور آهي جنهن کان پنهنجي نئين نسل کي بچائڻو آهي، مصنوعي ذهانت کي حفاظتي انتظامن جي ضرورت آهي. آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو ته چين نه پر آمريڪا کي دنيا جي قيادت ڪرڻي آهي. جو بائيڊن غزا ۾ جنگبندي جي آجيان ڪندي چيو ته آمريڪا جنگبندي لاءِ بهترين سفارتڪاري ڪئي آهي، ايندڙ مرحلي ۾ يرغمالين جي آزادي به شامل هوندي. هن چيو ته غزا ۾ جنگبندي لاءِ  سندس ٽيم۽ ڊونلڊ ٽرمپ گڏجي ڪم ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته لبنان ۾ جنگبندي ۽ ايران جي ڪمزور ٿيڻ کانپوءِ  حماس دٻاءُ جو شڪار هو، تبديل ٿيندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي حماس کي جنگبندي تي مجبور ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
17 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
few clouds
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
35 %
2.5kmh
11 %
سُومر
30 °
اڱارو
34 °
اربع
35 °
خميس
34 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون