- Advertisement -
دادو ۾ زال ۽ مڙس جي جهيڙي دوران فوت ٿيل ٿڃ پياڪ نينگر جي قبر ڪشائي ڪئي پئي وڃي.
ناني جي گهر ۾ پراسرار نموني فوت ٿيل نينگر جي والد جي درخواست تي ميڊيڪل بورڊ ۽ سول جج جوهي عبدالسليم ڪلهوڙي جي نگراني ۾ قبر ڪشائي جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.
2 مهينا اڳ ڳوٺ ابراهيم لغاري ۾ اڍائي سالن جو زرار لغاري ناني جي گهر ۾ پراسرار نموني فوت ٿي ويو هو.
نينگر جي والد يونس لغاري جي فرياد تي نينگر جي مامي الله ۽ ناني حمزه لغاري سميت 5 ڄڻن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪرايو ويو هو.
ڪيس ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو هو ته نينگر کي مامي ۽ ٻين گهٽا ڏئي قتل ڪيو.- Advertisement -
