تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڇا آئين تحت هٿياربند فورسز ايگزيڪٽو جي ماتحت آهن : جسٽس جمال مندوخيل

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن جي ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل سوال اٿاريو آهي ته ڇا آئين تحت هٿياربند فورسز ايگزيڪٽو جي ماتحت آهن، ڇا ايگزيڪٽو جي ماتحت فورسز عدالتي اختيار استعمال ڪري سگهن ٿيون يا نه؟. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن جي ٻڌڻي ڪئي. تحريڪ انصاف باني جي وڪيل عزير ڀنڊاري دليلن جي شروعات ڪندي موقف اختيار ڪيو ته آئين ڪهڙي شيءِ جي اجازت ڏيندو آهي، عام ترميمون بنيادي حق متاثر نٿيون ڪري سگهن. وڪيل عزير ڀنڊاري چيو ته سلمان اڪرم جيڪو مثال ڏنو هو اهو سويلين ۾ ئي ايندو، جنهن تي جسٽس جمال مندوخيل چيو هو ته 83 اَي تحت آرمڊ فورسز اسٽيٽس کي ڏسڻو هوندو آهي، آرمي ايڪٽ ۾ ٽو ون ڊي جي پروويشن کانسواءِ ڪجهه به ناهي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته آرٽيڪل 243 موجب اهو پهريان کان لاڳو ٿيندو آهي، جنهن تي وڪيل عزير ڀنڊاري پنهنجي دليل ۾ چيو ته ان تي اوهان جي ججمينٽس موجود آهي، جوابدار جي اعتراف لاءِ سبجيڪٽ جو هئڻ ضروري آهي، ڪورٽ مارشل کانسواءِ ڪابه پروويشن نه آهي جيڪا هن ۾ لڳي. وڪيل عزير ڀنڊاري چيو ته شق سي وارا ڪڏهن به ڪورٽ مارشل نٿا ڪري سگهن، ڪورٽ مارشل هميشه آفيسر ڪندا آهن. جسٽس امين الدين خان چيو ته ڏوهه جي نوعيت آرمڊ فورسز ميمبر ٻڌائيندا. جسٽس جمال سوال ڪيو ته آرمي ايڪٽ سيڪشن ڊي کي ڪڍڻ باوجود به ڇا ملٽري جسٽس سسٽم هلندو رهندو؟. وڪيل عزير ڀنڊاري چيو ته ٽرين هلندي، سوال آهي ته ڪنهن کي ويهاري سگهجي ٿو ڪنهن کي نٿو ويهاري سگهجي، جسٽس منيب فيصلي سان به ڪورٽ مارشل جاري رهڻ جو تاثر آهي، مارشل لا ۾ به پارليامينٽ ذريعي بهتري جا آپشن موجود آهن، فوجي عدالتون آئين جي آرٽيڪل 175 کان ٻاهر آهن. وڪيل عزير ڀنڊاري چيو ته سويلين جو ٽرائل رڳو آئين جي آرٽيڪل 175 تحت آهي، ٿي سگهي ٿو فوج آئين جي آرٽيڪل 245جي دائري کان ٻاهر نٿي وڃي سگهي. جسٽس جمال مندوخيل سوال اٿاريو آهي ته ڇا آئين تحت هٿياربند فورسز ايگزيڪٽو جي ماتحت آهن، ڇا ايگزيڪٽو جي ماتحت فورسز عدالتي اختيار استعمال ڪري سگهن ٿيون يا نه؟. ڇا عدالتن کي آزاد هئڻ گهرجي يا نه؟. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 24 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
20.2 ° C
20.2 °
20.2 °
29 %
1.4kmh
11 %
سُومر
20 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون