تازه ترين

ڊاڪٽرشاهنواز ڪنڀر کي مقابلي ۾ مارڻ واري ڪيس ۾ پير عمرجان سرهندي جي 10 ڏينهن جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ ميرپور خاص سرڪٽ بئنچ ڊاڪٽرشاهنواز ڪنڀر کي مقابلي ۾ مارڻ واري ڪيس ۾ پير عمرجان سرهندي جي 10 ڏينهن جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. ميرپورخاص هاءِ ڪورٽ ڏهه لک روپين جي مچلڪن عيوض پيرعمرجان سرهندي جي ضمانت واري درخواست منظور ڪئي. عمر جان سرھندي سنڌ ھاءِ ڪورٽ ميرپورخاص سرڪٽ بئنچ ۾ وڪيل معرفت درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته سنڌڙي ٿاڻي تي مقابلي جو هڪ ڪيس داخل آهي، ساڳي واقعي جو ٻيو ڪيس داخل نه ٿو ڪري سگهجي درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته مقابلي جو هڪ ڪيس ختم ڪيو وڃي. وڪيل جان علي جوڻيجو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ عدالت پير عمر جان سرھندي جي 10 ڏينھن جي ضمانت منظور ڪئي آھي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ھڪ واقعي جا ٻه ڪيس داخل نه ٿا ڪري سگهجن. عدالت پير عمرجان سرهندي جي هڪ ڪيس ختم ڪرڻ واري درخواست تي سنڌ جي گھرو کاتي ۽ لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 14 آڪٽوبرتائين ملتوي ڪري ڇڏي. ھوڏانھن عدالتي احاطي ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي پير عمر جان سرھندي چيو تھ هو پاڪستان جي آئين ۽ قانون جا پابند آھن، ڀلي قانون موجب جاچ ڪئي وڃي. هن چيو ته پوليس پاران ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ هن ڪو بھ اھڙو غير قانوني قدم ناھي کنيو، هو عدالت ۾ ڪيس کي منهن ڏيندو. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي مارڻ وارو مسئلو پوليس جو آھي، اھو سوال انھن کان ئي ڪجي، اھي ئي بھتر جواب ڏئي سگھن ٿا. ھوڏانھن پير عمر جان سرهندي عدالت ۾ ضمانت لاءِ پهتو ته سندس گارڊ به هٿيارن سميت عدالتي احاطي ۾ داخل ٿيا. اھڙيون وڊيوز ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي ميرپورخاص جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس عدالتي دروازي جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو. پير عمر جان سرھندي ٻيهر عدالت ۾ پيش ٿيو تھ سندس گارڊ هٿيارن سميت عدالتي احاطي کان ٻاھر بيٺا رھيا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
8 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
6 %
5.9kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
36 °

تازه ترين خبرون