ڊونلڊ ٽرمپ خُبيب نُرماگو ميدوف کي غزا ۾ جنگبندي جي خاطري، ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

- Advertisement -
آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مشهور مارشل آرٽسٽ خُبيب نُرماگو ميدوف کي غزا ۾ جنگبندي جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي، ان جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. وڊيو ۾ نظر اچي رهيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ، مشهور اڳوڻي مڪسڊ مارشل آرٽسٽ خبيب نرماگو ميدوف کي يقين ڏياري رهيو آهي ته جيڪڏهن مون صدارتي چونڊ کٽي ته غزا ۾ جاري جنگ بند ڪرائي ڇڏيندس. آمريڪي رياست نيوجرسي ۾ هڪ تقريب ۾ شرڪت دوران اڳوڻي روسي مڪسڊ مارشل آرٽسٽ خبيب نرماگو ميدوف، اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي چيو ته ” مون کي خبر آهي ته توهان فلسطين ۾ جنگ روڪي سگهو ٿا“  جنهن تي ٽرمپ کيس اعتماد سان چيو ته ” اسان ان کي روڪينداسين، نه صرف اهو پر آئون جنگ بند ڪرائي ڏيکاريندس“. ٽرمپ جي ان ويڊيو تي سوشل ميڊيا صارفين مختلف تبصرا ڪري رهيا آهن ۽ ڪجهه ماڻهو سوال به ڪري رهيا آهن، هڪ صارف لکيو آهي ته ڇا وقعي ٽرمپ جنگ روڪي سگهي ٿو؟  ڪٿي وري ٽرمپ جي بيان کي سارهيو پيو وڃي. سوشل ميڊيا تي هڪ ٻي صارف لکيو آهي ته ميڪس مارشل آرٽسٽ خبيب نرماگو ميدوف، ڊونلڊ ٽرمپ کان  جنگ بندي جو مطالبو آهي ۽ ٽرمپ کيس پڪ به ڪرائي آهي، پر ڇا واقعي ۾ جنگبندي ٿي ويندي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.3 ° C
29.3 °
29.3 °
28%
4.1m/s
8%
سُومر
29 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون