- Advertisement -
ڊيرا اسماعيل خان ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڊي آءِ خان ۾ ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي آپريشن ڪيو.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.
آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران دهشتگرد اشرف شيخ ۽ برهان الله کي ماريو ويو، سندن قبضي مان هٿيار، بارودي مواد ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد معصوم شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ سميت دهشتگردي جي ڪيترن ئي ڪاررواين ۾ ملوث هئا…- Advertisement -
