ڊي ايڇ او ڄامشورو ڊاڪٽر امام الدين کوسو ٿاڻو بولا خان تعلقي اسپتال جو دورو

spot_img
- Advertisement -

ڊي ايڇ او ڄامشورو ڊاڪٽر امام الدين کوسو ٿاڻو بولا خان تعلقي اسپتال جو دورو ڪري مختلف شعبن ۾ سھولتن جو جائزو وٺندي ايم ايس کي ھدايتون جاري ڪيون ته ماڻھن کي صحت جي حوالي سان ھر ممڪن رليف مھيا ڪيو وڃي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر امام الدين کوسي چيو ته سڀني ڊاڪٽرن سان گڏجاڻي ڪري چيو آھي ته عوام جي وڌ کان خدمت ڪن، ليبر روم 24 ڪلاڪ کليل رکيو وڃي جيئن ڳورھاري عورتن جو بھتر علاج ٿي سگھي.

ھن چيو ته مليريا جي چڪاس لاءِ ضلعي جي ھر ننڍي وڏي اسپتال ۾ سھولتون مھيا ڪرڻ سان گڏ دوائون ڏنيون ويون آھن جيئن ماڻھو مقامي اسپتال مان علاج ڪرائي سگھن ٻين شھرن ڏانھن دربدر ٿيڻ کان بچي سگھن.

ڊي ايڇ او ڄامشورو چيو ته ٿاڻو بولا خان اسپتال جو گائني وارڊ مڪمل فعال ھجڻ گھرجي جيئن ڳورھاري عورتن جو علاج ھتي ٿي سگهي ٻين شھرن ڏانھن تڪليف ڪرڻي نه پوي.

سندس چوڻ هو ته تعلقي اسپتال  کي  گھربل سھولتون مھيا ڪيون وينديون ڪوھستان جو علائقو وڏي ايراضي تي پکڙيل آھي ٻھراڙي وارن علائقن ۾ ڏکيا رستا آھن ماڻھو ٿاڻو بولا خان اسپتال وڏي تڪليفن کانپوءِ پھچن ٿا ھتي ايمرجنسي جي صورت ۾ صحت جون سھولتون ھجڻ تمام ضروري آھن.

ڊي ايڇ او ڄامشورو ڊاڪٽر امام الدين کوسو چيو ته ننڍين وڏين اسپتالن ۾ ڊاڪٽر مقرر نه ٿيل آھي انھن لاءِ لکت ۾ڏنو ويندو جيئن اتي ڊاڪٽر  مقرر ٿي سگھن جڏهن ته عطائي ڊاڪٽرن خلاف  ڪاروايون ڪيون وينديون.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
7.7 ° C
7.7 °
7.7 °
29%
1.4m/s
0%
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون