- Advertisement -
ڊکڻ ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل ٿي ويو.
ڳوٺ حاجي فتح محمد شر ۾ هٿياربندن گوليون هڻي 27 ورهين جي بلاول شر کي قتل ڪري ڇڏيو.
اطلاع تي ڊکڻ پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو جتي ضروري ڪارروائي کانپوءِ مڙهه وارثن حوال ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر شر برادري جو پنهنجي ئي برادري ۽ رند برادري سان جهيڙو هلندڙ آهن، فائرنگ ڪنهن ڪئي ان بابت جاچ ڪئي پئي وڃي، جوابدارن کي جلد قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو.- Advertisement -
