ڌانڌلي جي الزامن لاءِ لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪرڻ گهرجي ها: شازيا مري

- Advertisement -
پ پ  راولپنڊي جي ڪمشنر جي الزامن جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، شازيا مري چيو آهي ته ڌانڌلي جي الزامن لاءِ لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪرڻ گهرجي ها،  ملڪ لاءِ سڀني کي گڏ کڻي هلڻو پوندو، هو جمهوريت کي پٽڙيءَ تان لهڻ نه ڏيندا. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ اڳواڻ ڄام خان شوري ۽ مهيش ملاڻي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شازيا مري چيو ته چونڊ نتيجن تي پيپلزپارٽيءَ کي به اعتراض ۽ ڳڻتي آهي. هن چيو ته هو تاج حيدر جي سربراهيءَ ۾ پنهنجي پارٽيءَ جي اليڪشن سيل ذريعي پنهنجو ڪيس وڙهي رهيا آهن، پيپلزپارٽيءَ جمهوريت کي بچايو آهي، هاڻي به بچائيندي. شازيا مري چيو ته بلوچستان ۽ سنڌ ۾ جيڪو ساڻن ٿيو، هنن ان تي بحث ڪيو،  ملڪ ۾ ٻڌيءَ وارو ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ هو ڪم ڪري رهيا آهن. پ پ اڳواڻ چيو ته ملڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، هو نه ٿا چاهن ته پاڪستان ۾ سياسي عدم استحڪام وڌيَ، حڪومت سازيءَ کي اڳتي وڌڻ گهرجي. شازيا مري چيو ته کين خوشي ٿيندي آهي، جڏهن ماڻهو ووٽ ذريعي تبديلي چاهيندا آهن، عوامي خدمت ۽ عوام سان رشتي جو جذبو پيپلزپارٽيءَ ڏيکاريو، ماڻهن جي خدمت ڪئي تڏهن ئي سيٽن ۾ اضافو ٿيو آهي. پ پ اڳواڻ چيو ته کٽڻ هارائڻ اليڪشن ۾ ٿيندو آهي، ملڪ ۾ دهشتگردي وڏو ناسور آهي، پاڪستان کي استحڪام جي ضرورت آهي. شازيا مري چيو ته ڄامشوري ۾ هڪ روحاني اجتماع هو، احتجاج ڪرڻو آهي ته آر او آڏو ڇو نه ڪيو ويو؟ سنڌ ۾ جي ڊي ايَ وٽ رڳو به صوبائي سيٽون آهن. ان موقعي تي ڄام خان شوري چيو ته جي ڊي اي جا اڳواڻ اليڪشن کان اڳ ڪٿي نظر ئي نه آيا
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
12.5 ° C
12.5 °
12.5 °
35%
2.9m/s
34%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °
سُومر
21 °

تازه ترين خبرون