ڏهرڪي سان تعلق رکندڙ جي ڊي اي اڳواڻ ھالار خان پتافي پيپلزپارٽي ۾ شامل

- Advertisement -
ڏهرڪي سان تعلق رکندڙ جي ڊي اي اڳواڻ ھالار خان پتافي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي ويو. ھالار خان پتافي، پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر سان ڪراچي ۾ ملاقات  ڪري باضابطه طور پپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي. ان موقعي تي فريال ٽالپر، هالار خان پتافي کي پيپلزپارٽي ۾ شموليت تي ڀليڪار ڪيو. ھالار خان پتافي پنهنجي والد جي لاڏاڻي بعد پنهنجي ڀاءُ باري پتافي سان اختلافن سبب ننڍي چونڊ ۾ حصو ورتو ۽ چونڊ ھارائي ويو هو. ھالار پتافي مڪاني چونڊن ۾ جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان حصو وٺي پنهنجي  ڀاءُ کي ٻن يوسين ۾ شڪست ڏني هئي. ھالار پتافي جي پارٽي ۾ شرڪت بعد ڏھرڪي تڪ تي پ پ جو اميدوار آساني سان ڪامياب ويندو . علي گوھر مھر جي پپلز پارٽي ۾ شرڪت بعد جي ڊي اي جي اھم اميدوار جي پ پ ۾ شرڪت سان مقابلي جو امڪان ختم ٿي ويو .
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23 ° C
23 °
23 °
32%
3.7m/s
0%
آچر
33 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون