- Advertisement -
ڏکڻ وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 13 دهشتگرد مارجي ويا آهن.
آءِ ايس پي آر موجب، 24 ۽ 25 ڊسمبر تي سڪيورٽي فورسز ڏکڻ وزيرستان جي علائقي سراروغا ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ۽ 13 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگرد ڪاررواين ۽ معصوم شهرين تي حملن ۾ ملوث هئا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن………..- Advertisement -
