- Advertisement -
ڏکڻ وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ چڪرين دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته چار جوان بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته ڏکڻ وزيرستان جي علائقي ڪرامه ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.
فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته چئن بهادر جوانن شهادت ماڻي.
شهيدن ۾ نائب صوبيدار طيب شاهه، لانس نائڪ گلاب زمان، لانس نائڪ مزمل محمود ۽ لانس نائڪ حبيب الله شامل آهن.
آءِ ايس پي آر موجب 38 ورهين جي طيب شاهه جو تعلق ٽانڪ، ٽيهن ورهين جي گلاب زمان جو تعلق ڪرڪ ضلعي، ٽيهن ورهين جي مزمل محمود ڪرڪ ۽ 28ورهين جي حبيب جو تعلق اورڪزئي سان هو.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پاڪ فوج دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، جوانن جون قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.- Advertisement -
