کهڙا ۾ ڳوٺاڻن طرفان قادر داد جوڻيجو جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
ڳوٺ ورهيو واهڻ واسي اکين جي نور کان محروم لياقت علي جوڻيجو ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.
احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هڻندي چيو ته ٻه مھينا اڳ ملھار جوڻيجو، ذوالفقار عرف ڀٽو، سوڍو ۽ جمشيد جوڻيجو حملو ڪري قادر داد عرف عجب جوڻيجو کي گوليون هڻي قتل ڪيو هو.
هنن چيو ته ٻه مھينا گذرڻ ۽ ڪيس داخل هئڻ باوجود راڻيپور پوليس جوابدارن کي گرفتار ناھي ڪري سگھي.
سندن چوڻ هو ته ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور ۽ اي ايس پي گمبٽ ملاقاتون ڪيون پر ٻه مھينا گذرڻ باوجود ھڪ جوابدار به گرفتار ناهي ٿيو.
احتجاج ڪندڙن چيو ته بااثر جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن .
هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.
