کپري واسي نوجوان جي ڊائريڪشن ۾ ٺاھيل پھرين سنڌي شارٽ فلم کي بھترين فلم جو ايوارڊ ڏنو ويو آهي .
ڪراچي جي انڊس ويلي يونيورسيٽي آف آرٽس ۽ آرڪيٽڪچر پاران منعقد ڪيل ايوارڊ تقريب ۾ کپرو واسي فلم ڊائريڪٽر ڪلديپ کتري پاران برٽش ڪائونسل ۽ يوڪي ايشين فلم فيسٽيول جي سھڪار سان ٺاھيل پھرين سنڌي شارٽ فلم وچن کي بھترين اسڪرين پلي جو ايوارڊ ڏنو ويو.
تقريب ۾ مھمان خاص انڊس ويلي يونيورسيٽي جي ڊين ڊاڪٽر فائزا مشتاق ڊائريڪٽر ڪلديپ کتري کي ايوارڊ ڏنو.
ڪلديپ کتري چيو ته فلم کي ايوارڊ ملڻ تي هو خوش آھي، اھو گڏيل ٽيم ورڪ جو نتيجو آھي. واضح رهي ته پھرين سنڌي شارٽ فلم “وچن ” جي نمائش چار مھينا اڳ برطانيا جي شھر لنڊن ۾ يوڪي ايشين فلم فيسٽيول ۾ ڪئي وئي ھئي.


