تازه ترين

کھڙا صادق ڪلهوڙو ٿاڻي تي سول جج جو ڇاپو، ناحق باندي بڻايل نوجوان کي آزاد ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

کھڙا ويجهو صادق ڪلهوڙو ٿاڻي تي گمبٽ جي ٿرڊ سول جج سعيد احمد شيخ ڇاپو هڻي 12ڏينهن کان ناحق باندي بڻايل نوجوان کي آزاد ڪري ڇڏيو .

ٿرڊ سول جج سعيد احمد شيخ صادق ڪلهوڙو ٿاڻي تي ڇاپو هڻي ناحق باندي بڻايل ڳوٺ جمعو پڻيو واسي نوجوان نعيم احمد پڻيو کي آزاد ڪندي ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي کي رڪارڊ سميت عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.

ناحق باندي بڻايل نوجوان جي ڀاءُ فهيم احمد پڻيو سيشن جج خيرپور جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته سندس ڀاءُ نعيم احمد پڻيو کي صادق ڪلهوڙو ٿاڻي جي پوليس 12 ڏينهن اڳ رستي تان ناحق گرفتار ڪري باندي بڻايو آهي.

درخواست گذار جو چوڻ هو ته پوليس نوجوان جي آزاديءَ لاءِ 8 لک رپيا رشوت طلب ڪري رهي آهي. سيشن جج خيرپور جي عدالت ٿرڊ سول جج سعيد احمد شيخ کي ريڊ ڪمشنر مقرر ڪيو هو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
31 %
3.8kmh
0 %
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون