ٽنڊي ڄام ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن بدامني ۽ منشيات جي وڪري خلاف ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.
ايس ٽي پي اڳواڻ ممتاز سراز ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جڏهن ته ن ليگ اڳواڻ کيئل داس ڪوهستاني ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيو.
ان موقعي تي ن ليگ اڳواڻ کيئل داس ڪوهستاني چيو ته ٽنڊوڄام، ٽنڊوالهيار ۽ ميرپورخاص سميت ٻين شهرن ۾ ڪو به ماڻهو محفوظ ناهي، پوليس ڪٿي به نظر نه ٿي اچي.
هن چيو ته 15سالن کان سنڌ ۾ جنهن سسٽم جي حڪومت رهي آھي هي ان جو نتيجو آھي.
ايس ٽي پي اڳواڻ ممتاز سراز ۽ ٻين جو چوڻ هو ته شهر ۽ ڀرپاسي واري علائقن مان منشيات جو وڪرو بند نه ٿيو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ايس ايڇ او ٽنڊوڄام ڌرڻي واري هنڌ پهچي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو.
