- Advertisement -
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوريءَ فنڪشنل ليگ جي سربراهه پير پاڳاري سان فون تي رابطو ڪري ملڪ جي معاشي صورتحال بهتر بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري فنڪشنل ليگ ۽ جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري سان فون تي رابطو ڪيو.
رابطي دوران گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري پير پاڳاري کي چيو ته سڄي دنيا جون نظرون هن وقت پاڪستان تي آهي جڏهن ته ملڪ ڪيترن ئي بحرانن جو شڪار آهي.
گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري پير پاڳاري کي درخواست ڪئي ته اوهان پنهنجي والد وانگر ڪنگري هائوس جا دروازا کوليو ۽ مفاهمتي ڪردار ادا ڪيو.- Advertisement -
