تازه ترين

ڪراچيءَ جي علائقي ملير ۾ رينجرز ڪارروائي ڪندي ڦر ۽ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري موٽرسائيڪل هٿ ڪري ورتي

- Advertisement -
ڪراچيءَ جي علائقي ملير ۾ رينجرز ڪارروائي ڪندي ڦر ۽ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري موٽرسائيڪل هٿ ڪري ورتي آهي. رينجرز ترجمان موجب، رينجرز پاران اسٽريٽ ڪرمنل خلاف آپريشن جو سلسلو جاري آهي، ملير جي سمون ڳوٺ مان ڪندي ڦر ۽ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث علي گل کي گرفتار ڪري وارداتن ۾ استعمال ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ دوران جوابدار اعتراف ڪيو آهي ته هو هٿيارن جي زور تي شهرين کان موبائل فون ڦر ۽ کيسا ڪٽڻ جي وارداتن ۾ ملوث آهي. رينجرز ترجمان موجب، گرفتار جوابدار ڦر دوران ڪيترن ئي شهرين کي زخمي ڪرڻ جو اعتراف به ڪيو آهي، واردات جي سي سي ٽي وي فٽيجز ۾ جوابدار کي واضح طور ڏسي سگهجي ٿو. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.3 ° C
23.3 °
23.3 °
37 %
2.2kmh
7 %
آچر
22 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون