تازه ترين

ڪراچيءَ جي علائقي ڪريم آباد ۾ دهشتگردن هٿان سي ٽي ڊي جو ڊي ايس پي علي رضا شهيد

- Advertisement -
ڪراچيءَ جي علائقي ڪريم آباد ۾ دهشتگردن هٿان سي ٽي ڊي جو ڊي ايس پي علي رضا شهيد ٿي ويو. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سي ٽي ڊي آفيسر زخمي ٿي پيو، کيس عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. واقعي بعد پوليس ۽ رينجرز پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهيو ۽ جوابدارن جي ڳولا لاءِ ناڪابندي پڻ ڪئي. پوليس ٻڌايو ته ڊي ايس پي علي رضا  مٿان ٻن جوابدارن فائرنگ ڪئي، هڪ کي اجرڪ ويڙهيل هو ۽ ٻي کي هيلمينٽ پاتل هئي، حملو ڪندڙن پسٽل تي سائلنسر لڳايو هو. پوليس موجب واقعي واري هنڌ وٽان نائن  ايم ايم جي گولين جا خول مليا آهن ۽ فائرنگ ۾ زخمي ٿيل گارڊ عمارت جو سڪيورٽي گارڊ آهي. ريسڪيو ٽيمن موجب علي رضا کي مٿي ۾ گولي لڳي ۽ هو سخت زخمي ٿي پيو. علي رضا ڊي ايس پي انويسٽيگيشن مقرر هو ۽ هو چوڌري اسلم جو ويجهو ساٿي هو. هوڏانهن صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي ۽ ايس ايس پي سينٽرل کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار هدايت ڪندي چيو ته حملي ۾ ملوث عنصرن جي گرفتاري لاءِ فوري طور قدم کنيا وڃن. گهرو وزير پوليس آفيسرن کي هدايت ڪئي ته واقعي واري هنڌ وٽان شاهديون هٿ ڪري جاچ کي اثرائتو بڻايو وڃي…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
36.3 ° C
36.3 °
36.3 °
5 %
6.8kmh
16 %
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °

تازه ترين خبرون